جامع فرخ مسجد

جامع فرخ مسجد: ارغونن جي دؤر ۾ جيڪي مسجدون ٺٽي ۾ ٺهيون، انهن ۾ سڀ کان خوبصورت ۽ عاليشان مسجد جامع فرخ هئي، جيڪا هڪ ارغون امير، ميرزا فرخ ٺهرائي هئي، جو شاهه بيگ ارغون جي ڀاءُ احمد بيگ جو پٽ ۽ شاهه حسن جو سؤٽ هو. مسجد 938هه/1531ع ۾ ٺهي. عيسيٰ ترخان جي وقت ۾ 963هه/1555ع ۾، گوا جي عيسائين ٺٽي ۾ مسلمانن جو ڪوس ڪيو هو، اهو ان وقت جو وڏو واقعو هو، اهو ظلم جمعي ڏينهن ٿيو هو، جنهن ڏينهن وڏي تعداد ۾ مسلمان مسجدن ۾ نماز لاءِ جمع ٿيا هئا ۽ مٿن حملو ٿيو. انهي جامع فرخ تي به حملو ٿيو ۽ سمورا نمازي مسجد ۾ شهيد ٿي ويا. هن مسجد جا شهيد، مسجد جي ٻاهران اترين ديوار سان لڳ هڪ هنڌ دفن ڪيا ويا ۽ ٺٽي جي پنجن ’گنج شهيدن‘ مان وڏي ۾ وڏو ’گنج شهيدان‘ اهو ٿيو، جنهن لاءِ مير قانع جي روايت آهي ته تيرهن سؤ کان وڌيڪ شهيد منجهس دفن ٿيا ۽ شيخ اعظم جو چوڻ آهي ته ٻه هزار شهيد مدفون آهن. هي مسجد تحفة الڪرام لکڻ وقت (1181هه/1767ع) ۽ شيخ اعظم جي تاليف ’تحفة الطاهرين‘ (1190هه/1776ع) وقت قائم هئي.



هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0938.00.00  هجري

مسجد 938هه/1531ع ۾ ٺهي . عيسيٰ ترخان جي وقت ۾ 963هه/1555ع ۾


1531.00.00  عيسوي

مسجد 938هه/1531ع ۾ ٺهي . عيسيٰ ترخان جي وقت ۾ 963هه/1555ع ۾



مذهب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جنازي نماز
ڀَڀُوتِ
تميم
تاؤمت
ٽن قبن واري مسجد
جامع مسجد مڪلي
ڀِتَر پوڄا
چار يار1
جبريل
ارداس
مذهب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون